Surhaan News Tv Badin

  • Home
  • Surhaan News Tv Badin

Surhaan News Tv Badin Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Surhaan News Tv Badin, Media/News Company, .

BD Election2022Awami Press Club TalharAddress Near Hajyani Hosptl main Tando bago Road Talharبلدياتي اليڪشن حوالي سان ڪو...
27/05/2022

BD Election2022

Awami Press Club Talhar
Address
Near Hajyani Hosptl main Tando bago Road Talhar
بلدياتي اليڪشن حوالي سان ڪوريج ۽ اشتھارن جي سلسلي ۾ ھيٺين روزاني اخبارن ۽ نيوز ٽي وي چينل لا۽ رابطو ڪيو

روزاني سنڌ ايڪسپريس روزاني عوامي آواز روزاني سوڀ روزنامه جنگ، روزنامه خبرين روزاني جيجل، روزاني خبرون روزاني ھلچل روزاني ايڪتا، روزاني چڻنگ، روزاني پاڪ بليٽن، روزاني جذبو روزنامہ آزاد ریاست، روزنامہ بشارت
عوامي آواز TV
ڪاش نيوز Tv
اي ون نيوز Tv
DN News Tv
Faiz News Tv
Anmol News Tv HD
Faryad News Tv
D21 News Tv
Pak Tv
Indus FM 100.2TMK
By
Awami Press Club Talhar Team
03433700980

منھجو صحافتي استاد محترم عاجز انور لاشاري جنھن جو 10فيبروري تي جنم ڏينھن آھي جنھن جي جنم ڏينھن جي بنسبت ھڪ تقريب عوامي س...
07/02/2022

منھجو صحافتي استاد محترم عاجز انور لاشاري جنھن جو 10فيبروري تي جنم ڏينھن آھي جنھن جي جنم ڏينھن جي بنسبت ھڪ تقريب عوامي سٿ پاران منعقد ڪرائي رھيا آھيون،10فيبروري شام جو 5 وڳي عوامي پريس ڪلب تلھار جي صدر ۽ ڪالم نگار محترم عاجز انور لاشاري جي سالگراه تقريب عوامي پريس ڪلب تلھار ۾ ملھائي ويندي جنھن جي دعوت سمورن دوستن کي ڏيون ٿا اميد آھي ته سالگراہ تقريب ۾ شريڪ ٿي عوامي سٿ کي عزت بخشيندا
پاران
محمد رمضان ملاح نائب صدر عوامي پريس ڪلب تلھار
۽ سٿ

تلھارپ پ پ اڳواڻ رئيس خان محمد چانڊيو، معروف ايڊوڪيٽ بدين باقر ڀڙڳڙي عوامي پريس ڪلب تلھار پھچي صحافين کان مسئلا پڇا،سال ...
12/01/2022

تلھار
پ پ پ اڳواڻ رئيس خان محمد چانڊيو، معروف ايڊوڪيٽ بدين باقر ڀڙڳڙي عوامي پريس ڪلب تلھار پھچي صحافين کان مسئلا پڇا،سال 2022 جي چونڊيل عھديدارن کي مبارڪباد پڻ ڏني ان موقعي تي پ پ اڳواڻ خان محمد چانڊيو جو چوڻ ھو ته قلم ڌڻي ھردور ۾ مظلومن جو آواز بڻيا آھن،خصوصن عوامي پريس ڪلب جو صدر عاجز انور لاشاري ٿورڙي عرصي ۾ شھر جي مختلف موضوعن تي تفصيلي وقتن بوقتن لکندو رھيو آھي پر وڏي ڳاله واحد عوامي پريس ڪلب آھي جنھن جا ميمبرز ۽ عھديدار قانون جي دائري ۾ رھي لکندا رھن ٿا،جڏھن ته بنا غيرتصديق شده خبرون ناھن لکيون ھر دور ۾ ڏکيو توڙي سکيو وقت ڪٽيندڙ ھر قلم ڌڻي سان اسانجون ڀرپور ھمدرديون رھنديون قلم ڌڻي اڪيلا ناھن،جڏھن ته معروف وڪيل باقر ڀڙڳڙي جو چوڻ ھو ته عاجز انور لاشاري ھڪ مڪمل قلم ڌڻي آھي بنا مفادن جي مقدس پيشي سان نڀاء ڪندو اچي جڏھن ته صحافت سان دلي محبت ڪندڙ عاجز انور لاشاري جرنلزم کي پڙھيو پر اڃان به پڙھي رھيو آھي اسانجون کيس دعائون ساڻس سان گڏ آھن،ان موقعي تي نائب صدر محمد رمضان ملاح چيئرمين ورڪنگ ڪميٽي منور لاشاري پڻ موجود ھئا

احتجاج۔  احتجاج احتجاج۔ ۔  سينيئر صحافي عوامي پريس ڪلب تلھار جي فنانس سيڪريٽري روزاني ھاڪ ۽ سنڌڙي ويب نيوز ٽي وي جي رپو...
04/06/2021

احتجاج۔ احتجاج احتجاج۔ ۔
سينيئر صحافي عوامي پريس ڪلب تلھار جي فنانس سيڪريٽري روزاني ھاڪ ۽ سنڌڙي ويب نيوز ٽي وي جي رپورٽر سائين غلام نبي شاھ جي 13 سالا نياڻي جيڪا گذريل مھيني کان گم آهي وارثن پاران اغوا جو خدشو ڄاڻايو پيو وڃي جنهن جي بازيابي لاء عوامي پريس ڪلب تلھار جي سموري سٿ طرفان سڀاڻي کان احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي سڀاڻي 11 وڳي احتجاج ڪيو ويندو ـ جنهن ۾ يونين آف جرنلسٽ ۽ سنڌ صحافي سنگت ڀرپور شرڪت ڪندي ان حوالي سان سمورن شھرين سياسي سماجي مذھبي اڳواڻن ڪارڪنن کي احتجاج ۾ شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي
پاران صدر عوامي پريس ڪلب تلھار

عوامي پريس ڪلب تلھار جو هنگامي اجلاس زير صدارت عاجز انور لاشاري جي ٿي گذريو. اجلاس۾جنرل سيڪريٽري ذولفقار علي ملاح جوائين...
27/05/2021

عوامي پريس ڪلب تلھار جو هنگامي اجلاس زير صدارت عاجز انور لاشاري جي ٿي گذريو. اجلاس۾جنرل سيڪريٽري ذولفقار علي ملاح جوائينٽ سيڪريٽري قاسم ملاح آڊيٽر احمد شھزاد محمد رمضان ملاح جاويد سمان گلزار نوتڪاڻي زاھد کوسو رامچند شريڪ ٿيا.
اجلاس ۾سوشل ميڊيا تي رپورٽنگ بابت بريفنگ ڏني وئي، اجلاس بعد ريفريشمنٽ ڪرائي وئي جڏھن تہ سياسي ۽ سماجي اڳواڻ امير البحر ضلعي صدر ۽ پي پي تعلقه سينيئر نائب صدر علي نواز ملاح سياسي حوالي خيالات جي ڏي وٺ ڪئي ويئي.

پ پ يوٿ ضلعي نائب صدر بدين سائين پير محفوظ الاھي شاھ قادري نجف ۾ مولا جي روضي جي زيارت لا۽ پھتل
02/05/2021

پ پ يوٿ ضلعي نائب صدر بدين سائين پير محفوظ الاھي شاھ قادري نجف ۾ مولا جي روضي جي زيارت لا۽ پھتل

22/03/2021
21/03/2021

تلھار ۾ ايريگيشن عملدارن پاران ڪھڙي ڪھڙي رائس ملز کي فلفور جايون خالي ڪرڻ جا نوٽس جاري ڪيا ويا آھن زريعن کان معلوم ٿيو ت ڏيتي ليتي عيوض معاملو لئي مٽي بعد ڌٻايو ويندو؟؟

02/02/2021

تلھار جون تفصيلي خبرون فقط سرھاڻ نيوز ويب ٽي وي ۾ ڏسندا
رپورٽ محمد رمضان ملاح بيورو چيف بدين سرھان نیوز عوامي پريس ڪلب تلھار

عوامي پريس ڪلب تلھار جي روح روان بھترين نثرنويس آڪاش ۽ ھاڻوڪو ڀلوڙ وڪيل انور علي راھمون کي جنم ڏڻ جون کوڙ ساريون واڌايون...
01/02/2021

عوامي پريس ڪلب تلھار جي روح روان بھترين نثرنويس آڪاش ۽ ھاڻوڪو ڀلوڙ وڪيل انور علي راھمون کي جنم ڏڻ جون کوڙ ساريون واڌايون شال آباد ھجو
پاران
عاجز انور لاشاري
صدر عوامي پريس ڪلب تلھار
سينئير نائب صدر
محمد رمضان ملاح
۽ عوامي ٽيم تلھار

31/01/2021

پنھجي ڪاروبار جو اشتھار سرھاڻ نيوز ويب ٽي وي ۾ ھلرائڻ لا۽ رابطو ڪيو
03433700980

پيارو محبوب ملڻساز محبتي ھر ڪنھن سان قرب ونڍيندڙ سٿ سان نڀائيندڙ اھڙو دلير ھردل جو درد ۽ احساس پنھجي دل ۾ رکندڙ عاجز ان...
10/01/2021

پيارو محبوب ملڻساز محبتي ھر ڪنھن سان قرب ونڍيندڙ سٿ سان نڀائيندڙ اھڙو دلير ھردل جو درد ۽ احساس پنھجي دل ۾ رکندڙ عاجز انور لاشاري ھي نالو ڪنھن ب تعارف جو محتاج ت ناھي پر ھن ۾ غرور ڪا مغروري پڻ ناھي عاجز انور لاشاري ھر پيرن اگھاڙن غريب دردمارن جو درد بنا ڪنھن مفاد جي دلي ٻڌڻ ۽ لکڻ لڳندو آھي عاجز انور لاشاري عوامي پريس ڪلب جو سال 2017 ۾ جڏھن بنياد وجھرايو ت انوقت سٿ ۾ شامل ٿيندڙ ساٿين کي ھڪ سمجھاڻي تي عمل ڪرڻ جي سختي سان ھدايت پڻ ڪئي انوقت پھريون آيل احتجاج جڏھن عاجز انور لاشاري مستحق ماڻھن جو ڪيمرا جي اک ۾ رڪارڊ ڪرڻ لڳو ت سندس اکين ۾ ڳوڙھا تري آيا انوقت اھو احتجاج رڪارڊ ڪرڻ بعد ڪافي دير عاجز انور پريس ڪلب مان ٻاھر ھليو ويو ان احتجاج ۾ ڪجھ قلم ڌڻين جون ڪوتاھيون اوڻائيون پڻ شامل ھيون ۽ اھو ئي ڪارڻ ٻاھر نڪرڻ جو اسان محسوس ڪيون بھرحال عاجز انور لاشاري سال 2017 کان ھن وقت تائين پنھجي سٿ جي ساٿين جي رڳو بھتر رھنمائي ن ڪئي بلڪ سٿ جي ساٿين جو اخباري ۽ ٽي وي جي بلن ۾ ب ڀرپور ساٿ پڻ ڏنو اھڙو دلدار يار جنھن ڪڏھن ب پيسي کي ڪا اھميت ن ڏني انسانن جو قدر ڪيو انسانيت لا۽ ھمدردي جو پرچم پاڻ لھرائي سٿ ۾ ساھ ڦوڪيندو رھيو ھي نالو ھر ظالم لا۽ للڪار مثل آھي پنھجي قلم سان وفاداري ڪندڙ ھي شخص منھجو محسن صحافتي استاد عاجز انور لاشاري آھي جنھن کان ڪافي سالن کان سکڻ جو مونکي موقعو مليو ۽ آئون عاجز انور لاشاري سان ھر فيصلي توڙي عمل ۾ ساڻس متفق رھيو آھيان عاجز محبتون ونڍيندڙ ھڪ محبتي ماڻھو آھي ۽ ھن محبتي ماڻھو جو ايندڙ مھيني جي 10 فيبروري ۾ جنم ڏڻ آھي آئون عوامي پريس ڪلب جو سينئير نائب صدر پنھجي استاد ۽ باڪردار صدر جو عوامي پريس ڪلب ۾ جنم ڏينھن شاندار طريقي سان ملھائڻ جو ايڊوانس اعلان ڪيان ٿو سموري سٿ ۽ عاجز جي دلي دوستن سميت دشمنن کي ب مون طرفان ايندڙ فيبروري جي 10 تاريخ عاجز انور لاشاري جي جنم ڏينھن واري ننڍڙي رٿيل تقريب ۾ شامل ۽ شرڪت جي دعوت عرض رکان ٿو اميد آھي ت سمورا پسنڌ ۽ ناپسنڌ ڪندڙ دوست ب ھن تقريب ۾ شامل ٿي عاجز انور لاشاري جي ڪيل قلمي پورھئيي کي معمولي داد رسي ڪري اسانجي سٿ کي عزتون بخشيندا ت دلي ٿورائتا رھنداسين

عوامي پريس ڪلب تلھار ۾ سال 2021 جي چونڊجي آيل عھديدارن جي حلف برداري تقريب عوامي پريس ڪلب آڏو ٿي گذري،تقريب ۾ مھمان خاص ...
21/11/2020

عوامي پريس ڪلب تلھار ۾ سال 2021 جي چونڊجي آيل عھديدارن جي حلف برداري تقريب عوامي پريس ڪلب آڏو ٿي گذري،تقريب ۾ مھمان خاص پ پ پ ايم پي اي الحاج مير الھبخش ٽالپور،مير زيد،پ پ پ تعلقي تلھار صدر رئيس نياز محمد لاشاري،پ پ جنرل سيڪريٽري مرزو خان دلواڻي،پ پ ضلعي يوٿ اڳواڻ پير محفوظ شاھ قادري،پ پ اڳواڻ خان محمد چانڊيو،پ پ تعلقي انفارميشن سيڪريٽري منتظر عباس رضوي،پ پ ضلعي ڪورآرڊينشن سيڪريٽري حق نواز لاشاري،پ پ عورت تعلقي اڳواڻ زاھدا ڪنڀار،نورجھان دلواڻي، پ پ اڳواڻ مرتضي جمالي،ڪالمنگار مصطفي جمالي،نشات تنظيم تلھار يونٽ اڳواڻ مير عبدالقيوم ٽالپور،پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر محمود ميمڻ،صحافي جبران ٽالپور،پ پ اڳواڻ رجب ڳاھو،ٽنڊوغلام حيدر جو سينئير صحافي عنايت لاشاري،امير لاشاري، تقريب ۾ شريڪ ٿيا سال 2021 جا چونڊيل عھديدارن ء يونين آف جرنلسٽس اي پي سي جي عھديدارن کي پ پ ايم پي اي مير الھبخش ٽالپور حلف کڻايو ان موقعي تي آيل معززين مھمانن کي سرپرست اعلي ڊاڪٽر محمد آصف ميمڻ ۽ عوامي پريس ڪلب جي صدر عاجز انور لاشاري ۽ يونين آف جرنلسٽس اي پي سي جي صدر محمد خان پاران اجرڪن جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا،پ پ ايم پي اي تقريب ۾ خطاب ڪندي چيو ته سمورا صحافي ايڪو ڪن ھڪ ئي اتحاد ھجي ته بھتر آھي اڄ عوامي پريس ڪلب تلھار جي صحافين جي مليل دعوت تي آياسين ۽ بھترين تقريب ٿي ۽ صحافين جو پھريون پروگرام ٿيو آھي واحد عوامي پريس ڪلب تلھار آھي جنھن ۾ اڄ حلف برداري تقريب ۾ اسان شامل ٿياسين اسانجون نيڪ تمنائون سمورن صحافين سان گڏ آھن دعا پڻ آھي ته سال 2021 جا چونڊيل عھديدار پنھجي آزمائش تي پورا لھي عوام جا مسئلا ساڳي ريت اجاگر ڪندا رھن

تلھار جو درويش صفت مشھور نعت خوان سائين دلاور شاھ عوامي پريس ڪلب تلھار اچي نئين سال 2021 جي چونڊيل باڊي ۽ يونين آف جرن...
04/11/2020

تلھار جو درويش صفت مشھور نعت خوان سائين دلاور شاھ عوامي پريس ڪلب تلھار اچي نئين سال 2021 جي چونڊيل باڊي ۽ يونين آف جرنلسٽس اي پي سي جي مبارڪباد ڏني اسانجي صدر محترم عاجز انور لاشاري کي اجرڪ جو تحفو ۽ گلن جو ھار پارايو سائين دلاور شاھ جو عوامي سٿ دلي ٿورائتو
Awami Press Club Talhar

عوامي پريس ڪلب تلھار جي اليڪشن.سال 2021 لاء سموري باڊي بنا مقابلي  چونڊجي وئي . سينئير صحافي عاجز انور لاشاري بنا مقابلي...
01/11/2020

عوامي پريس ڪلب تلھار جي اليڪشن.سال 2021 لاء سموري باڊي بنا مقابلي چونڊجي وئي . سينئير صحافي عاجز انور لاشاري بنا مقابلي صدر چونڊجي ويو جڏھن ته يونين آف جرنلسٽس اي پي سي تلھار جو صدر محمد خان ڏيٿو بنا مقابلي چونڊجي ويو ايوان ۾ چونڊيل صدر ۽ عھديدارن مٿان ميمبرن پاران گلاب نڇاور ڪيا ويا گلن جا هار پارائي مبارڪون پڻ ڏنيون ويون،عوامي پريس ڪلب تلھار ايوان ۾ بنا مقابلي سال 2021 جو ٽيون ڀيرو ڪالم نگار سينيئر صحافي عاجز انور لاشاري کي صدر چونڊي ورتو جڏھن ته سينئير نائب صدر محمد رمضان ملاح،جنرل سيڪريٽري ذوالفقار علي ملاح جوائنٽ سيڪريٽري غلام نبي لاشاري،فنانس سيڪريٽري غلام نبي شاھ،آفيس سيڪريٽري زاھد کوسو چونڊجي ويا جڏھن ته يونين آف جرنلسٽس اي پي سي تلھار جو قيام رکيو ويو جنھن ۾ صدر محمد خان ڏيٿو،جنرل سيڪريٽري وسيم لاشاري فنانس سيڪريٽري ديدار علي شاھ چونڊجي ويا،چيئرمين ورڪنگ ڪميٽي عبد الرحمن شيخ،
آڊيٽر مير شھزاد ٽالپور،

چيف آف اليڪشن اي پي سي چيئرمين منور لاشاري مقرر جڏهن ته
ميمبرز
خواجه اظھر شاد
مظفر شاھ بخاري
عرفان شاھ بخاري
رضوان ملاح
جاويد علي سمان
قاسم ملاح
شعيب ميراڻي ۽
شڪيلا لغاري مقرر

تلھار ۾ گئس جي بندش ۽ گئس جي گھٽ پريشر خلاف پ پ پ عورت اڳواڻ زاھدا ڪنڀار جي اڳواڻي ۾ احتجاجتفصيلي خبر سڀاڻي اخبارن ۾ پ...
17/10/2020

تلھار ۾ گئس جي بندش ۽ گئس جي گھٽ پريشر خلاف پ پ پ عورت اڳواڻ زاھدا ڪنڀار جي اڳواڻي ۾ احتجاج
تفصيلي خبر سڀاڻي اخبارن ۾ پڙھندا
عوامي پريس ڪلب تلھار

پ پ پ ايم پي اي مير الھبخش ٽالپور اڄ تلھار پھچي ڏکائتي دلين سان ڏک جو رڳو اظھار نه ونڍيو بلڪه ڏک پھچائينڌڙ مائرن کي رت ج...
05/08/2020

پ پ پ ايم پي اي مير الھبخش ٽالپور اڄ تلھار پھچي ڏکائتي دلين سان ڏک جو رڳو اظھار نه ونڍيو بلڪه ڏک پھچائينڌڙ مائرن کي رت جا ڳوڙھا روئارينڌڙن ء اتفاقي ڪارج خلاف ايس ايچ او تلهارڌڻي بخش مري سان ڳالھ ٻول ڪري ون ويلنگ ڪنڌڙن کي روڪڻ ۽ انھن خلاف ڪاروائي ڪرڻ لا۽ پڻ چيو پ پ ايم پي اي جي ڪيل جائز ڳالھ تي ايس ايڇ او تلھار بروقت عمل ڪرائڻ لاء ون ويلنگ ڪندڙڇڙواڳن جون گرفتاريون عمل ۾ آنديون آھن اھڙي عمل کي اسان دلي ساراھيون ٿا،
عوامي پريس ڪلب تلھار

تلھار : رپورٽ/ انور لاشاري ) تلھار جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو عوامي پريس ڪلب تلھار جي ٽيم ھڪ وک اڃان اڳتي۔عوامي پريس ڪلب تلھ...
27/05/2020

تلھار : رپورٽ/ انور لاشاري ) تلھار جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو عوامي پريس ڪلب تلھار جي ٽيم ھڪ وک اڃان اڳتي۔
عوامي پريس ڪلب تلھار ۾ سال 2017 کان 2019 تائين بھترین رپورٽنگ جا فرائض سرانجام ڏيڻ ۽ بھتر ڪارڪردگي پيش ڪرڻ تي ورڪنگ جرنلسٽس عوامي پريس ڪلب جي ميمبرن ۽ عھديدارن ۾ سنڌ صحافي سنگت سنڌ جي مرڪزي صدر ملڪ طارق محمود اعواڻ ۽ عوامي پريس ڪلب تلھار پاران سرٽيفڪيٽ تقسيم ڪيا ويا ان موقعي تي ڊاڪٽر آصف ميمڻ معروف ايڊوڪيٽ محترم محمد فياض آرائين سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر محمود ميمڻ سٽي پريس ڪلب تلھار جو محترم صدر حاجي خان لاشاري رحیم فیضي پڻ شريڪ ٿيا۔ آيل معززين مھمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا ۔عوامي پريس ڪلب تلھار جي صدر عاجز انور لاشاري جنرل سيڪريٽري خواجه اظھر شاد سميت پوري ٽيم جي محنتن کي ساراھيو پڻ ويو۔
پروگرام بعد دوستن سان گروپ فوٽو۔

https://youtu.be/87Kyj6javrA
16/05/2020

https://youtu.be/87Kyj6javrA

سرھاڻ نيوز اوھانجي شھر ۾ تمام جلد اوھانجي آواز کي اعلي ايوانن تائين پھچائڻ ۾ بھتر ڪردار ادا ڪرڻ چاھي ٿو رابطي لا۽ 03433700980

1مئي ڇا ٿيو؟؟؟؟؟؟،،عاجز انور لاشاري،،30 اپريل ياد آيو تہ صبحاڻي ھڪ مئي مزدورن جو عالمي ڏينھن آھي جيڪو شڪاگو جي مزدورن کي...
08/05/2020

1مئي ڇا ٿيو؟؟؟؟؟؟

،،عاجز انور لاشاري،،

30 اپريل ياد آيو تہ صبحاڻي ھڪ مئي مزدورن جو عالمي ڏينھن آھي جيڪو شڪاگو جي مزدورن کي ڀيٽا ڏئي پوري دنيا ۾ زور شور سان ملھايو پڻ ويندو مون اردو ۾ ھڪ ڪالم لکي موڪليو جيڪو ٻئي ڏينھن روزنامہ آزاد رياست ۾ لڳي آيو ھو آئون روزمره حوالي سان عوامي پريس ڪلب اچي پھتس ميمبرن عھديدارن کي چيم ته اڄ مزدورن حوالي سان اسٽوريز ھرھڪ دوست ڪري ايتري ۾ سوشل ميڊيا تي بلاجواز منھجي خلاف ڪوڙيون پوسٽون ھلڻ لڳيون ھڪ اخبار ۾ غلط فھمي سان منھجي نالي خلاف اشتھار پڻ پبلش ٿيو ھو ان کان به ھڪ ڏينھن اڳ ساڳي اخبار ۾ منھجي نالي سان رپورٽ پڻ لڳي آئي ھئي جيڪا اداري کان غلطي ٿي وئي ھئي اھڙي غلطي بابت مون پنھجي اداري کي پڻ آگاھ ڪيو روزاني سنڌ جي محترم ايڊيٽر مھيش ڪمار پڻ ٽيليفون تي معزرت ڪئي ٻئي ڏينھن وري اداري پاران مونکان معزرت ڪري ورتي پر تلھار ۾ مونسان اختلاف رکنڌڙ ماڻھن روزاني سنڌ اخبار جي رپورٽر سميت ٽولي موقعو وٺي اھا پوسٽ سوشل ميڊيا تي رکي منھجي ڪردار ڪشي تي لھي آيا مون اخلاقن روڪيو سوشل ميڊيا تي مذمتي وڊيو بيان پڻ جاري ڪيم پر وري به گارگنڌ جاري رھي نيٺ مجبور ٿي اين سي داخل ڪرائڻ لا۽ عوامي پريس ڪلب مان نڪري پي ايس تلھار ڏانھن آيس پئي ته رستي شھر وچ مونتي موقعي پرست ٽولو چنڀڙي پيو پوري شھر ڏٺو مونسان ھاٿا پائي ٿي نيٺ صحافي محمد خان ڏيٿو وسيم ۽ ٻيا به پويان ڊوڙي اچي پھتا پو۽ داداگيرن پوئتي پير ڪيا ۽ آئون صحافين جي مدد سان تلھار ٿاڻي ڏانھن پھچي ويو ھئس جتي مون پنھجي اين سي داخل ڪرائي موقعي پرست ماڻھن مونکان ڪا معزرت ته نه ڪئي ٻيڻو چئيرمين ٽائون تلھار کي غلط گائيڊ ڪري منھنجي خلاف ڪوڙو ليٽر ٽائون مان بنا چئيرمين جي موجودگي تيار ڪري اسد خواجه کان ٺھرائي ان کان ئي سائن ڪرائي شام جو ست وڳي ٿاڻي پھچي منھنجي خلاف بنا دير ايف آئي آر لارج ڪرائي ورتي آئون اين سي داخل ڪرائڻ ڏينھن جو 11=30 وڳي پھتو ھئس جنھن مھل داخل ٿي ھئي پر منھنجي ڪا سفارش نه ھئي انوقت ڪو ڀوتار يا وڏيرو منھنجي پاران ٿاڻي يا پريس ڪلب مدد لا۽ لڙي نه آيو ھو نه ئي چونڊيل چئيرمين مير شاھد ٽالپور ڪا پڇا ڳاڇا پڻ ڪئي چيئرمين سان منھجي ڀا۽ جي ٿيل ڳالھ ٻول جو رڪارڊ پڻ موجود آھي بس حسين گوپانگ طرفان چئيرمين تلھار کي جيڪو چيو ويو ان بنياد تي چئيرمين جي وربلي آرڊر تي منھنجي خلاف ڪوڙو ليٽر به حسين گوپانگ ٺھرائي ٿاڻي تي کڻي پھتو جنھن ليٽر جي آدار تي مون مٿان ايف آئي آر لارج ڪرائي وئي منھنجي ڀا۽ منور جو نالو بہ ايف آئي آر ۾ ايڊ ڪرايو ويو اھڙي خبر جڏھن پئي ته مون بي رحم ايس ايڇ او عبدالله ٻرڙو کي فون ڪري پنھجي اين سي بابت پڇا ڪئي ۽ مونتي ايف آئي لارج ٿيڻ جو ڪارڻ پڇو ته ايس ايڇ او مڇرجي پيو اھا فون رڪارڊنگ پڻ مون وٽ موجود آھي جيڪا به ھن تحرير بعد دوستن آڏو پيش ڪندم شام جو فيصلي لا۽ ايس ايڇ او دوکي سان ٿاڻي ۾ گھرايو ۽ بي گناھ لاڪپ ڪري ڇڏيو منھجي اين سي ۾ نورعلي سونارو لاڪپ ٿيو ۽ ٽائون جي ڪوري ليٽر ۾ آئون لاڪپ ڪيو ويس بعد ۾ ايس ايڇ او عبدالله ٻرڙو ٻنھي ڌرين جي ماڻھن مان ڪنھن ھڪ جي نه ٻڌي ٽي ڏينھن لاڪپ ۾ ويھاريل اسان ٻئي فريادي ھڪ ٻئي مٿان ھڪ ٻئي جا اسان ٻئي جوابدار لاڪپ ۾ بنڌ رکيا وياسين انوقت چئيرمين پاران ماما نواز جتوئي حاجي خان لاشاري آيا جن مونکي راضي نامي لا۽ آڇ ڪئي مون انوقت به اھو ئي موقف رکيو ته مونکي پھريان ٿاڻي مان ٻاھر جيڪڏھن ڪڍرايو ٿا ته ٻاھر راڄوڻي لاء تيار آھيان پر جيڪڏھن رڳو مونکان لکت وٺي نورعلي سونارو کي آزاد ڪرايو ٿا ته آئون بي گناھ ھتي وڌيڪ ڏينھن ڪھڙي ڏوھ ۾ اندر رھان پر ايس ايڇ او ھنن جي به ھڪ نه ٻڌي ايس او تلھار جو حسين گوپانگ سان نورعلي سوناري جي آزادي جو پيڪٽ پڻ ٿيو ويھ ھزار حسين گوپانگ نورعلي کي آزاد ڪرائڻ لا۽ ايس ايڇ او کي پڻ ڏنا ھئا پر شايد ايس ايڇ او پاران وڌيڪ ڊمانڊ ڪئي وئي يا ٻيو ڪو مسئلو ھو ان کان آئون لاڪپ ۾ ويٺل لاعلم ھئس ھي ھڪ ڪڙو سچ آھي جيڪو بيان ڪري دلي بوجھہ کي حلقو ڪري رھيو آھيان خير لاڪپ ۾ آخري رات ايس ايڇ او عبدالله ٻرڙو پنھجي دل ۾ رکيل ڪاوڙ زھر کي مون آڏو ٻاھر ڪڍيو گارگند مونسان ڪري بشير ملاح واري مسئلي تي منھنجي ڀا۽ منور کي گارگند ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏيندو رھيو م ڌمڪيون يا ڳالھيون رڳو ھڪ مون آڏو نه بلڪه منھنجي سمورن پريس جي ميمبرن آڏو پڻ زباني بيان ڪيون ان بعد ساڳي ڳالھيون ڊاڪٽر آصف ميمڻ نورعلي سوناري ۽ منھجي آڏو آڻ مھل به ڪيون جڏھن راضي نامي لا۽ اسان لاڪپ ۾ بنڌ پيل ٻاھر ايس ايڇ او واري روم ۾ گھرايو وياسين منھجو اتي بي ساڳيو موقف ھو ته مون اين سي داخل ڪرائي ھئي مون فيصلو چاھيو پئي پر ذاتي اختلاف ناپسنڌي واري چڪر ۾ آئون اين سي داخل ڪرائي ڦاٿو ھئس ۽ ٽائون وارا ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪرائي اچي ڦاٿا ھئا 1مئی تی آسان ٻئي لاڪپ ٿياسين آچر وراي ڏينھن 3 مئي تي پوليس ريمانڊ وٺڻ لا۽ بدين ڪورٽ وٺي پھتي ھئي جتي ريمانڊ نه مليو ۽ اعلي حڪمن تي جيل اماڻيا وياسين جيل ۽ لاڪپ واري نظام کان لاعلم آئون پنھجي پوري زندگي ۾ ھي پھريون ڀيرو لاڪپ ٿي جيل ويو ھئس زندگي ۾ امتحان جو ڪانٽو سئو سٺ تي پھتل ھو جيل اندر ٻي ڪا ڏکيائي پيش نه آئي پر ڏک پنھنجن کان جدائي جو اڙانگو ٿي پيو بار بار زوھيب ڪھف زوھان ياد پئي آيا لاڪپ ۾ آخري ڀيرو منور سان ٽيليفونڪ ڳالھ ٻول ٿي جڏھن منور منھجي معصوم پٽ زوھيب حوالي فون ڪئي ته زوھيب پڇو بابا تو ڪڏھن ايندي ۽ ڪٿي آھين مون ڪوڙ ڪري چيو ته آئون حيدرآباد آھيان ۽ جلد جام شي۽ وٺي اوھانجي واپس ايندس منھجي گرفتاري جي خبر مون منور ۽ دوستن کي بابا امڙ ۽ پنھجي ٻچڙن کي ٻدائڻ کان منع ڪرڻ لا۽ چيو ھو پر اندازو ٿي ويو ھو منھنجي گھرواري کي ڇاڪاڻ ته 1 مئي جڏھن ايس ايڇ او فيصلي لا۽ گھرايو پئي ته ھڪ عزيز دوست پاران منع ڪيل ھئي ته انور اوھان ٿاڻي ۾ نه وڃو اوھان کي گرفتار ڪيو ويندو پر فريادي آئون ھئس دوست جي ڳالھه کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري آئون شام جو روزو افطار ڪري ٿاڻي ڏانھن نڪتس پئي ته دل ۾ خيال آيو ته شايد آڄ ڪوڙو ڪيس مونکي واپس گھر اچڻ نه ڏيندو سو وري واپس آيس بابا امان جي پيرن تي ھٿ رکي دعا لا۽ عرض ڪيم بعد ۾ مون منھجي ونيء حوالي پنھجي کيسي ۾ موجود سمورو سامان پيسا ڪڍي ھٿ ۾ ڏنا منھجي وني پريشان ٿي پئي پڇا ڪيائين ڇو انور اڄ ائين پيو ڪرين جواب ۾ مون چيو ته اڄ سچ ۽ ڪوڙ پاڻ ۾ کوڙ وڙھندا سچ آزمائش امتحان ۾ چار ڏينھن زندآن ۾ واڙجي سگھي ٿو سو بعد ۾ ٽنھي پٽن کي کوڙ چميون ڏئي ٿاڻي پھچي ويس دل ضمير مطمئن ھو غلط نه ھئس جيڪڏھن غلط ھجان ھا ته خبر پوڻ جي بعد به ٿاڻي ۾ نه وڃان ھا پر زندگي ۾ اھڙا سبق ۽ تجربا انسان جي جياپي لا۽ انتھائي ضروري ھجن ٿا حقيقت ۾ ھي مشڪلاتون زندگي جو حصو پڻ آھن مون ايترو ڀوڳيو رڳو ٽائون واري موڪليل ڪوڙي ليٽر ڪري نه بلڪه بشير ملاح جو آواز جيڪو عوامي پريس ڪلب جي دوستن اعلي ايوانن تائين پھچايو ان جي به سزا ڀوڳي 5 مئي واپس تلھار اچي پھتو ھئس ايس ايڇ او عبدالله ٻرڙو ته بدلي ٿي ويو پر حساب ڪتاب نه ڏنائين جبر جا خيما شھر ۾ کوڙي دليون چاڪ ڪري آساني سان ھو ھليو ويو باقي اسان ٻئي دريون ضمانت تي آزاد ٿي آياسين منھجي وال تي سمورو مواد موجود آھي ھڪ مئي تي جڏھن ٿاڻي پئي وياسين ته اڳ ۾ ھڪ پوسٽ ڪري ويو ھئس جيڪا ھن مڪمل تحرير سان ڀيٽي سگھو ٿا يقينن ميچ ئي ھوندي ڪيس ھلنڌڙ آھي ٽائون چئيرمين کي به کپندو ھو ته شھرين جو مسئلو ھو منھجي اين سي بعد ھو به مونتي اين سي داخل ڪرائي فيصلي لا۽ چون ھا جيڪڏھن ڏوھ ھجي ھا ته اکيون پوري ڏوھ ڍنڊ ڀريان ھا پر ڪنھن به ڪا گھٽي نه ڇڏي منھنجي مخالفن ھنن جو ساٿ ڏنو ۽ ھنن جي مخالفن منھجو ساٿ ڏنو پر ٽائون چئيرمين جي ڪوڙي موڪليل ليٽر تي ڊائريڪٽ ايف آئي آر وارو عمل ناقابل برداشت نامناسب ھو جنھنجي اڄ به ۽ سڀاڻي به مذمت ڪجي ٿي باقي جيل ۾ ٻه راتيون گذاريل منھجي آتم ڪٿا ۾ جلد بيان ڪري وٺبيون اتي ڪيترائي ماڻھو مونکان به وڌيڪ انسان ڀوگيندا رھيا جيڪا بيان ڪندي اکيون پڻ ڀرجو پون ٿيون سو وري ملبو جيل جي ٻن راتين جي ليکي واري ليک ۾ انتظار ڪجو ھر ثبوت فيسبڪ دوستن آڏو لازمن رکندس

عوامي پريس ڪلب تلھارجي صدر عاجز انور لاشاري جي ضمانت ٿيڻ جي خوشي ۾ دوستن جي آمد جو سلسلو جاري محترم سائين  احمد خان چان...
07/05/2020

عوامي پريس ڪلب تلھارجي صدر عاجز انور لاشاري جي ضمانت ٿيڻ جي خوشي ۾ دوستن جي آمد جو سلسلو جاري محترم سائين احمد خان چانڊيو پ ٽ الف اڳواڻ ۽ محترم سائين عبدالمجيد ڪنڀار اڳواڻ شھيد ڀٽو ۽ اويس ڪنڀار پاران مبارڪون ڏيندي ـ سنگت ۾ سرھائي

30/04/2020

بدين بيورو چيف محمد رمضان ملاح سرھاڻ نيوز

27/04/2020

تلھار ۾ راشن ۽ امداد ن ملڻ خلاف ڳوٺ ڦوٽو ماڇي جي رھواسين جو احتجاج
وڌيڪ تفصيلي رپورٽ منھجي ھن رپورٽ ۾ ڏسندا
رپورٽ محمد رمضان ملاح بيورو چيف بدين سرھاڻ نيوز ويب
رابطي لا۽ واٽسپ نمبر
03463766290

27/04/2020

ٻدين ضلعي ۾ مھنگاءي جو جن بي قابو ٿي بوتل مان ٻاھر اچي ويو
وڌيڪ تفصيل سرھاڻ نيوز ۾ ڏسندا
رپورٽ محمد رمضان ملاح بيورو چيف بدين سرھاڻ نيوز ويب
رابطي لا۽ واٽسپ نمبر
03463766290

27/04/2020

بدين ضلعي ۾ وڌيڪ ڪورونا وايرس جا ٽي مريض ظاھر ٿي ويا متاٽرن جو تعداد 15 ٿي ويو ڊي ايڇ او بدين پاران تصديق
وڌيڪ تفصيلي رپورٽ منھجي ھن رپورٽ ۾ ڏسندا
رپورٽ محمد رمضان ملاح بيورو چيف بدين سرھاڻ نيوز ويب
رابطي لا۽ واٽسپ نمبر
03463766290

سرھاڻ ويب نيوز جلد پنھجي نشريات جو آغاز ڪري رھيو آھيمظلومن جو آواز سرھاڻ نيوزسرھاڻ نيوز ويب ٽي وي کي ٽنڊوباگوـماتلي ـ گو...
26/04/2020

سرھاڻ ويب نيوز جلد پنھجي نشريات جو آغاز ڪري رھيو آھي
مظلومن جو آواز سرھاڻ نيوز
سرھاڻ نيوز ويب ٽي وي کي ٽنڊوباگوـماتلي ـ گولارچي ـ بدين ـ ڪڍڻ ـ نندو ـ پنگريو ـ راڄوخاناڻي ـ ڪڙيو گھنور سميت آس پاس جي ننڍن وڏن شھرن مان رپورٽنگ جا خواھشمند دوست ھيٺ ڏنل واٽسپ نمبر تي رابطو ڪن
بيورو چيف بدين سرھاڻ نيوز ويب
محمد رمضان ملاح
03463766290

بيوروچيف بدين محمد رمضان ملاح سرھاڻ نيوز ويب ٽي وي بدينرابطا نمبر واٽسپ03463766290
26/04/2020

بيوروچيف بدين محمد رمضان ملاح سرھاڻ نيوز ويب ٽي وي بدين
رابطا نمبر واٽسپ
03463766290

https://youtu.be/Ts6oz0k_QD4
26/04/2020

https://youtu.be/Ts6oz0k_QD4

وڌيڪ تفصيلي خبرن جي اپ ڊيٽ لا۽ ڏسندا رھو سرھاڻ ويب نيوز چينل

Address


Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Surhaan News Tv Badin posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Videos

Shortcuts

  • Address
  • Alerts
  • Videos
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Media Company?

Share